ممتاز بخاري

ممتاز بخاري

ممتاز بخاري

ممتاز بخاري: ليکڪ ۽ صحافي ممتاز بخاري، پهرين جون 1968ع تي گهوٽڪي ضلعي جي ڳوٺ جهانپور شريف ۾ جنم ورتو، مڊل تائين تعليم ڳوٺ مان حاصل ڪيائين، جڏهن ته مئٽرڪ ميرپورماٿيلي هاءِ اسڪول مان ڪـيائين، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان ’بين الاقوامي تعلقات‘ شعبي ۾ ايم. اي ڪيائين. ان کان سواءِ آنرس سائيڊ تي ايم. اي امتيازي نمبرن سان پاس ڪيائين. اسڪول جي زماني کان ٻارن جي رسالي ”گل ڦل“ ۾ لکڻ شروع ڪيائين، بعد ۾ لوڪ ادب ۽ ڪلاسيڪي شاعريءَ جو مطالعو ڪيائين، سندس ترتيب ڏنل پهريون ڪتاب انور علي شاهه جو ڪلام ”انتخاب انور“ آهي. لطيف يونيورسٽيءَ ۾ پڙهڻ دوران کيس ادبي ماحول ميسر ٿيو، ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جي صلاح تي ترجما ڪيائين. ريڊيي پاڪستان خيرپور جي مختلف پروگرامن ۽ معلوماتي پروگرام”ريڊيو ڄاڻيٽي“ جا اسڪرپٽ لکيائين. هي انسائيڪلوپيڊيا طرز جو پروگرام هو. سنڌي لئنگئيج اٿاٽيءَ جي انسائيڪلوپيڊيا اسڪيم ۾ حصو ورتائين. ممتاز بخاري ريڊيو پاڪستان خيرپور تان به ڪيترا پروگرام ڪيا. ريڊيو لاءِ ٽي ڊراما لکيائين، اخبارن ۽ رسالن ۾ ڪهاڻيون ۽ مضمون لکيائين. هن مختلف اخبارن ۾ سماجيات، سياست، انٿراپالاجي، پاڻيءَ جي مسئلي، ڏوهن جي دنيا، جرڳن ۽ برادرين جي جهيڙن وغيره تي تحقيقي رپورٽون ڊاڪيومينٽريون به لکيون. آڪٽوبر 2002ع ۾ جڏهن دنيا جو پهريون سنڌي سيٽلائيٽ چئنل ڪي. ٽي. اين شروع ٿيو ته ممتاز بخاري سکر ۾ ڪي. ٽي. اين جو فيلڊ پروڊيوسر مقرر ٿيو ۽ اڳتي هلي هن کي ڪاوش اخبار جي بيورو چيف سان گڏ ڪي. ٽي. اين سکر ريجن جو انچارج ٿيو. هن جون ڪي. ٽي. اين تي 200 کان وڌيڪ ننڍيون وڏيون ڊاڪيومينٽريون ۽ نيوز اسٽوريون به آهن. هن مختلف شعبن جي شخصيتن جا انٽرويو به ڪيا ۽ ڪرنٽ افيئر ۽ اليڪشن جي پروگرامن جي ڪمپيئرنگ به ڪئي،”بالي“ ممتاز بخاريءَ جو سيريل K.T.N تي ڏاڍو مشهور ٿيو، جنهن جي ڊائريڪشن ۾ به هن حصو ورتو، ان کانسواءِ ”سندس ڊرامي ”آخري معيار“ جيو. ٽي. وي تان هلي مقبوليت حاصل ڪئي. هن سنڌي ٽيلي فلم ”ڍولڻ جاني“ جي به ڊائريڪشن ڏني. ممتاز بخاري سنڌي ادبي سنگت ۾ به متحرڪ رهيو آهي، هو 1991ع ۽ 1992ع ۾ ٻه ڀيرا سنگت شاخ شاهه عبداللطيف يونيورسٽيءَ جو سيڪريٽري، 2007ع ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ سکر جو سيڪريٽري، 1994ع کان 1996ع تائين مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري جنرل شمس سومري جي استعيفيٰ بعد هو 9 مهينا سنگت جو قائم مقام سيڪريٽري جنرل رهيو. ’سنڌي ٻولي- قومي ڏهاڙي‘ ملهائڻ سان گڏ پاڪستان جي مادري ٻولين کي قومي ٻولين جي درجي ڏيارڻ لاءِ صحيحن جي مهم هلائي، هزار صحيحن جو ڊرافٽ قومي اسيمبليءَ جي ميمبرن تائين پهچايو. س. ا. س لطيف يونيورسٽي شاخ جو رسالو ”سنڌ سرهاڻ“جاري ڪيائين. سندس هيٺيان ڪتاب ۽ ناول ڇپيل آهن: (1) ’روپ ٻهروپ‘ (ڪهاڻيون ٻين سان گڏ: 1992ع) پريت پبليڪشن، خيرپور، (2) ’تون خدا آهين!‘ (ڪهاڻيون: 1992ع) پريت پبليڪشن، خيرپور، (3) ’ٻيو چنڊ به ٻڏي ويو‘ (1998ع)، سنڌي ساهت گهر، حيدرآباد، ’کن پل جو ڇانورو‘ (ناوليٽ: 1997ع) سنڌي ساهت گهر، حيدرآباد، (4) ’چونڊيل ڪهاڻيون‘ (ترجمو: حبيب ساجد سان گڏ) 1998ع روشني پبليڪشن، ڪنڊيارو، (5) ’سوفيءَ جي دنيا‘ (جوسٽين گارڊر جي ڪتاب جو ترجمو) 2000ع روشني پبليڪشن، ڪنڊيارو.


لفظ ممتاز بخاريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1968.06.01  عيسوي

ممتاز بخاري پهرين جون 1968ع تي گهوٽڪي ضلعي جي ڳوٺ جهانپور شريف ۾ جنم ورتو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

زرياب
ڪشنچند پارواڻي
ڍير مٺو فقير لُنڊ
رانجهاڻي عبدالستار
خان خانان بيرام خان
درويش صدر اوٺو
فيروز احمد ميمڻ
پارپتي رامڪرشن آڏواڻي
نور مصطفىٰ شيخ ڊاڪٽر
امير ابڙو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون